هوتچند آڏواڻي

هوتچند آڏواڻي : هوتچند آڏواڻي 22 اپريل 1907ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس پورو نالو هوتچند گوپالداس آڏواڻي هو. هن ابتدائي تعليم سنڌ مان حاصل ڪئي، بار ايٽ لا جي ڊگري ڀارت لڏي وڃڻ کانپوءِ حاصل ڪيائين ۽ عملي زندگي جو آغاز وڪالت سان ڪيائين. ورهاڱي کانپوءِ هن بمبئي ۽ ڪلياڻ ڪئمپ (هاڻوڪي الهاس نگر) ۾ غريبن جي ٻارن کي مفت تعليم ۽ اڳتي هلي ڪي. ايم ڪندناڻي جي سهڪار سان 1948ع ۾ بمبئيءَ ۾ پهرئين ڪاليج جو بنياد وڌائين ۽ پوءِ ڪي. سي ڪاليج ۽ ڪي. سي لا ڪاليج سميت ڪيترن تعليمي ادارن جو بنياد وڌائين. هوتچند آڏواڻي سماجي ڪم ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه دوستن جي سهڪار سان ’جئه هند ڪوآپريٽو بئنڪ‘ جي نالي سان هڪ ادارو پڻ قائم ڪيو. جنهن جي پليٽ فارم تان هن غريب سنڌين جي مالي امداد ڪئي، هو کين گهر ٺاهي ڏيڻ کانپوءِ نوڪري به ڏيندو هو. هن کي سنڌي ٻولي سان بيحد پيار هو ۽ اهو ئي سبب هو جو هو ’هندستان‘ نالي سان سنڌيءَ ۾ روزاني اخبار ڪڍندو هو ۽ پوءِ ’هند واسي‘ جي نالي هفتيوار رسالو به ڪڍيائين. هوتچند آڏواڻي مئي 1991ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ هوتچند آڏواڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1907.04.22  عيسوي

هوتچند آڏواڻي 22 اپريل 1907ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سر عبدالرشيد جسٽس
غلام دستگيرسولنگي
استاد نظاماڻي
زهره شيرازي
ڪي بي رند
پٺاڻ ممتاز حسين ڊاڪٽر
مولانا محمد نصرالله سومراڻي
عزيز مصر
الياس ٿري
راڻي ڪرنا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون